ڪارا مرچ

ڪارا مرچ

ڪارا مرچ

ڪارا مرچ: هي گرم مصالحي جو هڪ وکر آهي، جنھن کي انگريزيءَ ۾ Black Pepper ۽ نباتاتي زبان ۾ Piper nigrum چيو وڃي ٿو. هن مصالحي جو ٻوٽو مالابار ۽ ڪوچن (هندستان) ۾ مقامي حيثيت رکندڙ آهي. ان کانسواءِ بورنيو، سوماترا، جاوا، سيام، ويسٽ انڊيز ۽ هندستان جي ڏکڻ، اولھه جي علائقن ۾ وڏي پئماني تي پوکيو وڃي ٿو. هن مرچ جو استعمال 4 قبل مسيح کان ٿيندو پيو اچي. ننڍي کنڊ ۾ تاريخي حوالي سان هن مصالحي کي گهڻي اهميت حاصل رهي آهي. ان ڏس ۾ ڳچ عرصي تائين ٻين مصالحن سميت ڪارن مرچن عيوض هندستان ۽ يورپي ملڪن وچ ۾ واپاري لاڳاپا قائم رهيا. رومي سلطنت جي قيام دوران ڪارن مرچن کي شاهي مصالحي جي حيثيت حاصل هئي. هندستان مان درآمد ذريعي ايندڙ هي واحد مصالحو هو، جنھن تي اسڪندريه ۾ وڌ کان وڌ ڍل وصول ڪيو ويندو هو ۽ ان وقت روم جي بازارن ۾ هن جو اگهه، قيمتي شين جي برابر هوندو هو. هي ڪاري رنگ جا ننڍڙا، گول داڻا ٿين ٿا، جن جي مٿين سطح کھري ۽ اندر ملائي رنگ جو اڇو گودو ٿئي ٿو. هن جو ذائقو ترش ٿئي ٿو. دنيا جي مختلف کاڌن ۾ ذائقي ۽ خوشبو لاءِ هن مصالحي جو بي تحاشا استعمال ڪيو وڃي ٿو. هن جو استعمال نظر جي بينائي وڌائڻ، هاضمي کي درست ڪرڻ، بخار، ڪمزوري ۽ الٽين ۾ انتھائي مفيد ٿئي ٿو.


لفظ ڪارا مرچھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو